سنياسي ادبي سنگت هالا

سنياسي ادبي سنگت، هالا: هن سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيم جو بنياد منصور ويراڳيءَ 1958ع ۾ هالا ۾ رکيو، جنهن جي مقصدن ۾ سنڌي ادب، ثقافت ۽ سماج جي حوالي سان قوم ۾ اصلاحي ۽ انقلابي جذبو جاڳائڻ، علمي، ادبي ۽ قومي شخصيتن جا ڏهاڙا ملهائڻ، تاريخي ۽ يادگار واقعن جي سلسلي ۾ تقريبون منعقد ڪرائڻ ۽ نئين نسل کي اخلاقي ۽ ادبي تربيت ڏيڻ وغيره شامل هئا. سنياسي ادبي سنگت پنهنجي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ چار شعبا، اڀياس گھر، دارالاشاعت، سنڌي ثقافت ۽ سماجي خدمت جي نالي سان قائم ڪيا. اهڙيءَ طرح سنگت پاران هفتيوار مشاعرا ۽ علمي، ادبي مباحثن ۽ تقريرن جا پروگرام به منعقد ڪيا ويندا هئا. اڀياس گھر ۾ هڪ ننڍڙي لائبرري ۽ ريڊنگ روم قائم ڪيو ويو، جڏهن ته دارالاشاعت شعبي ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا. اهڙيءَ طرح هن تنظيم ڪيترائي تاريخي ڪم ڪيا آهن. عربڪ ايجوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئ وئي ۽ 1965ع واري جنگ دوران بلئڪ آئوٽ جي راتين ۾ شهري دفاع لاءِ پهرا ڏيڻ ۽ قومي نغمن کي فروغ ڏيڻ جا ڪم هن سنگت سرانجام ڏنا. تنظيم جي قائم ڪيل لائبرري ۽ ريڊنگ روم اڄ تائين قائم آهن، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن. هن علمي ۽ ادبي ڪم ۾ منصور ويراڳيءَ سان عبدالله مسافر هالائي، علي محمد ناز ڪاشيگر، عبدالرحيم ارشد، عبدالله بيوس هالائي ۽ عبدالقادر منور هالائي شامل هئا. هيءَ تنظيم 1971ع تائين ڪم ڪندي رهي، ان بعد هن تنظيم کي انٽرنيشنل اڪيڊمي هالا جو درجو ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو